اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ايران ۽ سعودي عرب جو دورو اختلافن جي پرامن حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي محاذ تي پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جو واضح ثبوت آهي، هي دورو علائقائي امن ?? استحڪام کي سگهه ڏيندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلمان امت ۽ خطي ۾ امن جي مفاد لاءِ متحرڪ ڪ??دا?? ادا ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز آهي، جنهن کي اسلامي ملڪ ۽ اولهه دنيا ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نيئن پاڪستان جو اهو روشن ڪ??دا?? آهي ۽ ان جي عالمي تشخص کي تبديل ڪري رهيو آهي.