اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عم??ان خان جي ويزن جي روشني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پاليسي“ آڻي رهيا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر ميڊيا جي سمورن شعبن جي حقن جي ضامن، ??ذبن، ??حساسن ۽ ضرورتن جي عڪاسي ڪندي، ميڊيا سان گڏجي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرضن جي وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، ميڊيا ملڪ ۽ قو?? جي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوا?? جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿيندي آهي، رياست ۽ صحافت ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، ??ڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪت??ب ”اڌ صدي جو صحافتي سفر“ جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.