اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا کان بچاءُ ۽ ان کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ميڊيا آگاهي جي ذريعي اهم ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي جيڪو تحسين لائق آهي، ان چئلينج کان سرخرو ٿيڻ لاءِ ميڊيا کي پنهنجو حصيدار سمجهون ٿا، موجوده صورتحال ۾ افراتفري ۽ افواهه کان بچڻ ضروري آهي، وڌيڪ باخبر رهڻو آهي ته جيئن اتحاد ۽ يڪ??هتي سان ان وائرس جو مقابلو ڪري سگهجي.