اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ احساس لنگر قا??م ڪيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ سنڌ ص??بي جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ احساس لنگر خاني جو آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌ??يو ته سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان قا??م ڪيل ان لنگر خاني ۾ روزاني 300 ماڻهن کي کاڌو مفت مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل لنگر خاني جو افتتاح ڪيو.