اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جار?? ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪووڊ 19 جي 445 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن د??ران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 ج?? ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪووڊ 19 جا 23 هزار 441 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 6 هزار 389، پنج??ب ۾ 9 هزار 938،خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 167، اسلام آباد ۾ 3 هزار 65، بلوچستان ۾ 454، گلگت بل??ستان ۾ 350، آزاد ڪشمير ۾ 178 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 79 هزار 561 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بل??ستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 114 مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 803 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 94 هزار 638 آهي.