اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل انور منصور خان چيو آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو ويو، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابينا کان منظوري وٺ??ي لازمي هئي پر پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابينا کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري نه ورتي. اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي ??زا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن شخص جي ??ق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.