اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سا?? ڀرپور يڪجهتي جو ??ظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻئي جي موقف جا حامي آهن ۽ ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، پاڪستان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو ??ظهار عمران خان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان هڪ ??ڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون ترڪ صدر کي پاڪستان اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر رجب طيب اردوان جي خطاب کي پاڪستاني عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو پاڪستان ۾ ايترو مقبول آهي جو ??يڪڏهن چونڊ وڙهي ته هو ڪلين سوئپ ڪري ويندو.