اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غيرضروري خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ اداراجاتي سڌارن جو عمل تيز ڪيو وڃي، ڪ??رونا جي ڪري خيبرپختونخواهه جي معاشي صورتحال کا?? عوام کي مڪمل طور تي باخبر رکيو وڃي، مشڪل حالتن جي باوجود هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ترقياتي خرچ گ??ٽ کان گهٽ متاثر ٿين، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، صو??ن ۾ توانائي جي صلاحيت بابت حڪمت عملي توانائي واري وزارت جي مشاورت سان جوڙي وڃي. اهي هدايتون هن خيبرپختونخواهه صوبي جي ترقياتي معاملن، ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان سڌارن، ڪ??رونا وائرس جي ڏس ۾ صوبائي معاشي صورتحال خاص طور تي صوبائي آمدني، خ??چن?? وسيلن جي حوالي سان درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.