لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي ص??ار?? ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوز??ار?? صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظم عمران خ??ن جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وزيراعظم عمران خ??ن کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صف??ئي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار به ??يو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خم??از?? عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.